دنگي منجهه دريا

دنگي منجهه دريا (ڊرامو): هي مشهور ليکڪ علي بابا جو تحرير ٿيل آهي، جيڪو 1975ع ۾ مير بحرن جي سماجي ۽ معاشي حالتن تي لکيو ويو هو. 25 منٽن جي هن ڊرامي کي پروڊيوسر هارون رند ٽي. وي تي پيش ڪيو هو، جڏهن ته زرينا بلوچ ۽ انور بلوچ اداڪاريءَ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو هو. هي ڊرامو پاڪستان ٽيليوزن تان سنڌيءَ ۾ نشر ٿيو هو، جنهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي انگريزي ترجمي سان ٻيو ڀيرو ٽيليڪاسٽ ڪرائي منڇر ڍنڍ تان ٺيڪيداري نظام ختم ڪرايو هو. هن ڊرامي دنيا ميونخ (جرمنيءَ) ۾ ڊرامن جي چٽاڀيٽيءَ دوران ٽيون نمبر انعام کڻي بهترين اسڪرپٽ جو اوارڊ کنيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو